SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


جانسن جو نظريو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


جانسن جو نظريو

Johnson Doctrine

جانسن ڊاڪٽرين

آمريڪي صدر لِنڊن جانسن جو لاطيني آمريڪا بابت ڳڻ ڳوت ٿيل خيال، جنهن مطابق آمريڪا پنهنجي روايتي پاليسين تي عمل ڪندي، لاطيني آمريڪا جي چونڊيل جمهوري حُڪومتن جي فقط حمايت ئي نه ڪندو، بلڪ انهن رياستن سان تعاون به ڪيو ويندو، جيڪي آمراڻيون حڪومتون رکندي به آمريڪي مفادن سان سلهاڙيل هونديون. هيءُ خاڪو آمريڪا طرفان ڊومينيڪن ريپبلڪ ۾ فوجي مداخلت سببان جڙيو. آمريڪا جو چوڻ هو ته لاطيني آمريڪا ۾ ڪميونسٽ بُنيادن تي ڪنهن به ملڪ ۾ ايندڙ تبديلي، فقط ان ملڪ جو نه پر آمريڪا لاءِ به انتهائي اهم مسئلو هوندو. هيءُ نظريو اڳوڻي آمريڪي صدر اَئزن هاور جي پاليسين جو ورجاءُ هو، نن کي ”جانسن جو نظريو“ به سڏيو ويندو آهي. هيءُ نظريو 1965ع ڌاري وجود ۾ آيو


Remember Me Also:

سراڙو

ذ. گهوڙي جو تکي ڀڄڻ وارو پنڌ. ڀڄ ۽ ڊوڙ ۾ تکائي چوکرو ، سر ميدان. وِکُ ، ٻرانگهه ، ٻِلانگهه. ”جي ساهڙ جون سونهيون سير سراڙو تن کي“ شاهه.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal